Loading...

The Monkey's Justice - Sindhi Panchtantra

26,271 views

Loading...

Loading...

Rating is available when the video has been rented.
This feature is not available right now. Please try again later.
Published on Aug 28, 2008

Sindhi Panchtantra - Children's Story in Sindhi with Moral. Monkey and the Two Cats who fight for a cake. Watch the Monkey's Justice. Read the story. باندر جو اِنصاف
اَڱڻ ۾ راند ڪرڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. پر توهان ڪڏهن ٻلين کي اَڱڻ ۾ وڙهندي ڏٺو آهي؟ هِڪ دفعي جي ڳالهه آهي ”سندرپُر“ نالي هِڪ شهر هو. شهر جي هڪ گهر جي اَڱڻ ۾ هڪ ڪيڪ پيو هو. هِڪ ٻِليءَ اُهو ڪيڪَ ٽُڪر ڏٺو ۽ اُن کي کائڻ لاءِ ڀڄندي آئي. سوِ چيائين،“ اڙي واهه! اَڄ ته موج جي محفل لڳندي. نرم نرم ڪيڪ کائڻ لاءِ مليو آهي.“ پر ايتري ۾ هِڪ ٻي ٻلي به اُتي اچي پهُتي.”ميائو ميائو! ڪري چوڻ لڳي،“ هيءُ ڪيڪ جو ٽُڪر مُنهنجو آهي، مان کائيندس!“
پهرين ٻليءَ چيو،”مان هِتي توکان پهرئين پهُتي آهيان، تون هِتان هلي وڃ ، اِهو سڄو ڪيڪ مان کائيندس“
ميائو ميائو! ٻنهي ٻِلين جو ڪيڪ کائڻ تي جهڳڙو شروع ٿي ويو. ٻئي ٻليون هِڪ ٻئي سان رڙيون ڪري وِڙهڻ لڳيون.
هِنن جي پاسي ۾ هِڪ باندر ويٺو هو. ٻنهي ٻلين کي وِڙهندو ڏسي من ئي من ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين، ”پهرين توهان هڪٻئي سان وِڙهڻ بند ڪيو ۽ ڪيڪ مُون وٽ کڻي اچو ته مان توهان کي ڪيڪ هِڪ جيترو وِرهائي ٿو ڏيان“.
اِهو چئي باندر ڪيڪ کي ٻِن ٽُڪرن ۾ ورهايو ۽ اُهي ٻئي ٽُڪر ساهميءَ جي ٻِن پُرن ۾ وجهي تورڻ لڳو. ساهميءَ جو هڪ پر هيٺ ٿي ويو. باندر چيو،”اڙي!هيءُ ڪيڪ جو ٽُڪر ٻئي ڪيڪ جي ٽڪر کان ٿورو وڏو آهي. مُونکي هِن کي ننڍو ڪرڻ گُهرجي. سو وڏي ٽُڪري مان چڪ ڀري ننڍو ڪيائين ته ٻيو پُر هيٺ ٿي ويو. هن دفعي پڻ ٻئي پاسا هيٺ مٿي ٿيڻ لڳا. ٻنهي کي هِڪ جيترو ڪرڻ لاءِ هو ٽڪر ٽڪر چڪ ڀري ٻنهي ڪيڪن مان کائيندو ويو. ايئن ئي ٻنهي ڪيڪ جي ٽڪرن کي هڪ جيترو ڪندي باندر سڄو ڪيڪ ئي کائي پورو ڪيو. ڪيڪ جو هيءُ حال ڏسي ٻئي ٻليون دُکي ٿي هِڪ ٻئي کي نهارڻ لڳيون ۽ ڏاڍو نراس ٿي اتان هلي ويئون. ”سو ٻارو ٻِن ڄڻن جي جهڳڙي ۾ ٽيون هميشهه فائدو وٺي ويندو آهي سو ٻارو اِن ڪري اسان کي پاڻ ۾ وِڙهڻ نه گهرجي.“

Loading...

When autoplay is enabled, a suggested video will automatically play next.

Up next


to add this to Watch Later

Add to

Loading playlists...