سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ (ساوا) ۽ مهراڻ ويلفيئر ايسوسيئشن پي.آءَ.اي (مواپ) پنهنجن سنڌي شهيد ليڊرن کي سلامِ عقيدت پيش ڪري ٿي. اسٽيبلشمنٽ، ظالم ڊڪٽيٽرن ،سامراج , مُلڪ دُشمن عنصر ۽ اُنهن جاهر رُوپ ۾ مڙئي ڇاڙتا بشمول پيلي صحافت، پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي شهيدن جو مُسلسل عدالتي ۽ اسلحي جي طاقت سان قتل عام ڪندا اچن. شهد ذوالفقار علي ڀُٽو، شهيد شاهنواز ڀُٽو، شهيد مُرتضا ڀُٽو ۽ مُحترمه شهيد بي نظير ڀُٽو اُن جا نشان بڻيا . انهن ،جن بغير جنگ ۽ قتل جي هڪ نئين پاڪستان جي تعمير ڪئي، اُنهن جن پاڪستان کي 1973 جو آئين ڏنو، اُنهن جن مُلڪ کي ائٽمي ۽ ميزائل قوت ڏني، اُنهن جن هڪ لک جنگي قيدي آزاد ڪرايا، اُنهن جن وڃايل پاڪستان جا حصا ڳاله ٻوله ذريعي هندستان کان واپس ورتا، اُنهن جن اين ايس سي ايوارڊ ڏنو، اُنهن جن مظلوم صوبن جي داد رسي ڪئي، اُنهن جن آئني ترميمون انتهائي مُخالف ۽ عدالتي پريشر باوجود ڪرايون، اُهاجيڪي صرف ۽ صرف پاڪستان جي حقيقي جھموري قوت آهي، اُهي جيڪي اڃا شهادت جي سارشن جي انتظار ۾ آهن. سلام عقيدت اهڙن جيلن کي. ظلم به رهي ۽ امن به هُجي ڇا اهو مُمڪن اهي؟. ڪيترا ڀُٽو ماريندئو گھر گھر مان ڀُ
سنڌي آرٽيسٽس ويلفيئير ايسوسيئيشن (ساوا)، سڌي ميڊيا(ساليوُوڊ)، ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) سنڌ ۽ ٿنڪ ٽيم، شهيدان جهموريت ۽ پنهنجي محبوب سچي عوامي ليڊر شهيد راڻي مُحترمه بينظير ڀُٽو کي سنس هن 4 ورسيءَ جي موقعي تي خراج تحسين پيش ٿي ڪري ۽ ڀُٽو جاندان جي جهموريت لاءِ قُربانين کي ياد رکندي هن ورسيءَ جي موقعي تي وري عهد ٿي ڪري ته سندن غريب عوام ۽ جهموريت لاءِ سيکاريل ۽ ڏنل مشن کي تا حيات ياد رکندي جاري و ساري ڪيو ويندو
mysollywood 2 months ago